وزيراعظم ترڪيه، ايران، آذربائيجان ۽ تاجڪستان جو دورو ڪري دوشنبي ۾ عالمي گليشيئرز ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندو
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي کان 30 مئي تائين چئن ملڪن جو دورو ڪندو.
وزيراعظم ترڪيه، ايران، آذربائيجان ۽ تاجڪستان جو دورو ڪندو، دوشنبي ۾ عالمي گليشيئرز ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندو.
پرڏيهي ترجمان موجب وزيراعظم چئني ملڪن جي قيادت سان ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪندو.
دوري دوران علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، ڀارت ڇڪتاڻ دوران حمايت ڪرڻ تي وزيراعظم دوست ملڪن جا ٿورا مڃيندو.