تازہ ترین

سنڌ جي تعليم کاتي پاران سرڪاري اسڪولن جي شاگردن جي اکين جي ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو

تعليم کاتي ڪراچي سميت مڙني ضلعن جي ڊائريڪٽرز پرائمري، ايلمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري کي خط جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي پاران سنڌ جي سرڪاري اسڪولن جي شاگردن جي اکين جي ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ٻارڙن طرفان موبائيل جي وڌندڙ استعمال جي ڪري سنڌ جي تعليم کاتي پاران سرڪاري اسڪولن جي شاگردن جي اکين جي ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

گھرن ۾ ٻارن طرفان موبائل فون جي وڌندڙ استعمال کي نظر ۾ رکندي سموري صوبي جي سرڪاري اسڪولن جي شاگردن جي اکين جون ٽيسٽون ڪرايون وينديون.

ان بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ”ويزن فار ايجوڪيشن فائونڊيشن“ شاگردن جي اکين جو معائنون ڪندي.

تعليم کاتي ڪراچي ڊويزن سميت صوبي مڙني ضلعن جي ڊائريڪٽرز پرائمري، ايلمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن کي خط جاري ڪيا ويا.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ٻارن جي اکين جي صحت تعليمي ميدان ۾ سڀ کان ضروري آهي، ان ڪري سمورن شاگردن جي اکين جي ٽيسٽ يقيني بڻائي وڃي.

ٽيسٽ ڪرائي وڃي جيئن اکين جي ڪنهن به امڪاني بيماري يا نظر جي ڪمزوريءَ جي بروقت سڃاڻپ ٿي سگھي ۽ ان جو علاج فراهم ڪري سگھجي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.