سنڌ طاس معاهدي ۾ هڪ طرفي طور تي معاهدي کي معطل ڪرڻ جي ڪا شق يا گنجائش ناهي: آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير
واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي بابت ڀارت جو رويو لاقانونيت جي سلسلي جي ڪڙي آهي.
سنڌ طاس معاهدي ۾ هڪ طرفي طور تي معاهدي کي معطل ڪرڻ جي ڪا شق يا گنجائش ناهي، ڀارت طرفان 25 ڪروڙ آبادي جو پاڻي جو روڪڻ جنگ جو اعلان تصور ڪيو ويندو.
آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو ته يقين آهي ته عالمي برادري پاڻي کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪرڻ جي غير قانوني ۽ غير انساني عمل جي حمايت نه ڪندي.
هن چيو ته ڀارتي قيادت جا بيان ڇڪتاڻ کي هوا ڏيڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن، اهي بيان هندتوا جي دهشتگردي واري سوچ جي عڪاسي ڪن ٿا.
رضان شيخ جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪ ڀارت جنگبندي جي حوالي سان آمريڪي ڪردار واضح آهي، صدر ٽرمپ امن پسند آهي.