تازہ ترین

پاڪستان  ڀارت  جي 20 سالن جي اسٽيٽ  اسپانسرڊ  دهشتگرديءَ جا تفصيل  دنيا آڏو پيش ڪري ڇڏيا

شروعاتي جاچ موجب فتنه الهندستان هارڊ ٽارگيٽ ۾ ناڪامي بعد سافٽ ٽارگيٽ کي نشانو بڻائي رهيا آهن: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان  ڀارت  جي 20 سالن جي اسٽيٽ  اسپانسرڊ  دهشتگرديءَ جا تفصيل  دنيا آڏو پيش ڪري ڇڏيا، فتنه الهندستان خضدار حملي ۾ ملوث قرار.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽينينٽ احمد شريف چوڌري ۽ وفاقي گھرو سيڪريٽري آفتاب اڪبر دراني گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.

شروعاتي جاچ موجب فتنه الهندستان هارڊ ٽارگيٽ ۾ ناڪامي بعد سافٽ ٽارگيٽ کي نشانو بڻائي رهيا آهن.

دهشتگردن هي حملو اسڪول بس تي نه پر اسان جي قدرن تي ڪيو آهي، گهرو سيڪريٽري آفتاب اڪبر دراني جي پريس ڪانفرنس، ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ احمد شريف چوڌري ڀارت جي پراڪسي وار  کي فتنه الهندستان جو نالو ڏئي ڇڏيو.

سندن چوڻ هو ته بلوچستان ۾ حملو ڀارتي انٽيليجنس ايجنسي را جي سرپرستي ۾ ٿيو، ڀارت آپريشن سندور ۾ بري طرح  ناڪام ٿيو آهي.

ڀارت هاڻي دهشتگرد پراڪسيز کي بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي ڪاررواين جو حڪم ڏنو آهي، 2009ع ۾ پاڪستان بلوچستان ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ثبوت گڏيل قومن ۾ پيش ڪري چڪو.

2016ع ۾ ڀارت جي دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ جا ثبوت دنيا آڏو رکيا، ڀارت خطي جي امن کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن اسڪول جي معصوم ٻارن کي نشانو بڻايو، گرفتار مختلف دهشتگردن ڀارتي پٺڀرائي جو اعتراف ڪيو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ گھرو سيڪريٽري جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت دهشتگردن کي فنڊ فراهم ڪري ٿو، ڪلڀوشن ياديو اعتراف ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي چڪو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.