آءِ ايم ايف مشن جو پاڪستان جو دورو مڪمل، ايندڙ بجيٽ تي پاڪستاني اختيارين سان تعميري ڳالهه ٿي: آءِ ايم ايف
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) آءِ ايم ايف جو پاڪستان مان مهانگائي 5 کان 7 سيڪڙو جي هدف تي آڻڻ تي زور.
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ ڳالهين بابت پڌرائي جاري ڪئي وئي، جنهن موجب آءِ ايم ايف مشن جو پاڪستان جو دورو مڪمل، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي پاڪستاني اختيارين سان تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي.
پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو پرائمري سرپلس جو هدف هڪ ڏهائي 6 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي.
ايندڙ ڏينهن ۾ بجيٽ تي وڌيڪ ڳالهه ٻولهه جاري رهندي، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جي جاري ٿيل پڌرائي.