هٿياربندن سرڪاري اسپتال ڀرسان ويٺل مهرن جي گهرن تي فائرنگ ڪري ڏني
چڪ (ويب ڊيسڪ) چڪ ۾ مهر ۽ جتوئي ڌرين ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ تان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي ٿي پيو.
هٿياربندن سرڪاري اسپتال ڀرسان ويٺل مهرن جي گهرن تي فائرنگ ڪري ڏني.
گوليون لڳڻ سبب عبدالله پٽ شاهن مهر ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته هڪ نينگر سخت زخمي ٿي پيو، هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.