تازہ ترین

ڀارت رياستي دهشتگردي ڇڏي بامعنيٰ ڳالهين جي شروعات ڪري: صائمه سليم

ڀارت درياهن جا وهڪرا روڪڻ روڪيا، جيڪا پاڪستاني عوام لاءِ زندگي جو اهڃاڻ آهي: ڳالهيون

نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ڪائونسلر  صائمه سليم سلامتي ڪائونسل جي کليل بحث ۾ چيو آهي ته ڀارت رياستي دهشتگردي ڇڏي بامعنيٰ ڳالهين جي شروعات ڪري.

ڀارت درياهن جا وهڪرا روڪڻ جا ڪوشش ڪئي آهي جيڪا پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام لاءِ زندگي جو اهڃاڻ آهي، پاڻي زندگي آهي جنگ جو هٿيار ناهي.

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ڪائونسلر صائمه سليم سلامتي ڪائونسل جي کليل مباحثي دوران ڀارت جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته ڀارت دهشتگرد گروهن ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اَي ۽ مجيد برگيڊ کي مالي ۽ عملي مدد فراهم ڪري ٿو.

هن چيو ته ڀارت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميري عوام جي خواهشن موجب والاريل ڪشمير تڪرار جي پرامن حل لاءِ ڳالهين جي شروعات ڪري.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.