پهلگام واقعو افسوسناڪ هو، ڀارت پاڪستان تي بي بنياد الزام لڳايا: شهيد جي وارثن ۾ چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب
مظفر آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ اهڙي جنگ شروع ٿي، جيڪا خطرناڪ رخ اختيار ڪري سگهي پئي.
آزاد ڪشمير جي شهيدن جي وارثن ۾ امدادي رقم ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته جنگ جا نتيجا خطرناڪ ٿي سگهن پيا.
هن چيو ته پهلگام واقعو افسوسناڪ هو، ڀارت پاڪستان تي بي بنياد الزام لڳايا، پاڪستان دنيا کي ٻڌايو ته ڀارت جا الزام ڪوڙ تي ٻڌل آهن.
هن چيو ته پاڪستان واضح ڪيو ته پهلگام واقعو ڀارت جي سازش جو حصو آهي، ڀارت کي پهلگام واقعي جي اڻ ڌري عالمي جاچ جي آڇ ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڀارت اسان جي آڇ کي نظرانداز ڪري پاڪستان تي حملو ڪيو، ڀارتي اڳرائي ۾ آزاد ڪشمير ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ 33 شهري شهيد ٿيا.
وزيراعظم شهباز شريف جو تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪ فوج ڀارت جي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو.