تازہ ترین

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن باجود ارسا ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان مقرر نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

عدالت 3 هفتن اندر ارسا ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن باجود ارسا ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان مقرر نه ٿيڻ تي عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار.

عدالت 3 هفتن اندر ارسا ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسٽس فيصل ڪمال ۽ جسٽس جواد ايس سروانا تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ۾ درخواست تي ٻڌڻي.

بئريسٽر ضمير گهمرو چيو ته اڃا تائين ارسا ۾ وفاقي جو ميمبر سنڌ مان مقرر ناهي ڪيو ويو.

ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي آگاهي ڏني ته وفاقي حڪومت ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

عدالت رمارڪس ڏنا ته ترميم ڀلي ڪيو پر سنڌ جي حقن ۽ عدالتي حڪمن کي به نظر ۾ رکيو وڃي.

وفاقي حڪومت پاڻي بابت سمورا فيصلا صوبن جي مشاورت ۽ اتفاق راءِ سان ڪري، پاڻي جي فراهمي بابت گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.