ڀارت کي شڪست ملڻ بعد ڀارتي پراڪسيز کي هاڻ پاسو ڪرڻ گهرجي: سينيٽ اجلاس کي خطاب
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته دهشتگرديءَ جي ناسور کي خطي مان ختم ڪرڻ تمام ضروري آهي.
سينيٽ جي اجلاس جي ڪارروائي دوران خطاب ڪندي نائب وزيراعظم چيو ته ڀارت کي شڪست ملڻ بعد ڀارتي پراڪسيز کي هاڻ پاسو ڪرڻ گهرجي.
اسحاق ڊار چيو ته ڀارت جي پراڪسي وار بابت مستقبل لاءِ حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، دهشتگرديءَ جي ناسور کي سموري خطي مان ختم ڪرڻ ضروري آهي.
پرڏيهي وزير چيو ته خضدار واقعي ۾ ڀارت ملوث آهي، ٻارڙن تي حملو بزدلاڻو عمل آهي، چين جي دوري دوران دهشتگردي وارو مامرو غور هيٺ آيو.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو وڌيڪ چوڻ هو ته نيشنل ايڪشن پلان جي ڪجهه حصن تي عملدرآمد ٿي چڪو آهي.