اسان سدائين جنگ لاءِ تيار آهيون، جيڪڏهن جنگ گهرجي ته پوءِ جنگ ئي سهي: ليفٽينينٽ جنرل احمد شريف
راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽينينٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڀارت ڪوڙي بيانيئي جي بنياد تي باهه سان کيڏي رهيو آهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته اسان سدائين جنگ لاءِ تيار آهيون، جيڪڏهن جنگ گهرجي ته پوءِ جنگ ئي سهي.
ليفٽينينٽ جنرل چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ائٽمي جنگ رڳو بيوقوفي هوندي، هي اهو رستو آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن لاءِ گڏيل تباهي جو سبب بڻجندو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته اسان اُن لاءِ هر وقت تيار آهيون.