غزا جي پٽيءَ ۾ خوراڪ جي ورهاست لاءِ آمريڪا سان گڏجي منصوبو تيار ڪيو آهي: نيتن ياهو
تل ابيب (انٽرنيشنل ڊيسڪ) عالمي دٻاءَ بعد اسرائيل غزا ۾ عارضي جنگبندي تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو.
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته غزا جي پٽيءَ ۾ خوراڪ جي ورهاست لاءِ آمريڪا سان گڏجي منصوبو تيار ڪيو آهي.
جنگ کي واضح شرطن تي ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، غزا کي مڪمل غير هٿياربند ڪرڻ جي ڊونلڊ ٽرمپ جي منصوبي تي عمل ڪري رهيا آهيون.
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو وڌيڪ چوڻ هو ته آمريڪا ايران کي ايٽمي هٿيار رکڻ کان روڪيندو.