تازہ ترین

آرمي چيف کي فيلڊ مارشل بڻائڻ جو فيصلو منهنجو هو: وزيراعظم شهباز شريف

ڪو به فيصلو ڪرڻ کان پهريان مان نوازشريف سان به صلاح ڪندو آهيان: شهباز شريف

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آرمي چيف کي فيلڊ مارشل بڻاڻ جو فيصلو منهنجو پنهنجو هئو.

سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪو به فيصلو ڪرڻ کان پهريان مان نوازشريف سان به صلاح ڪندو آهيان.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا آرمي چيف جنرل عاصم منير (نشانِ امتياز ملٽري) کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقيءَ جي منظوري ڏني هئي.

پڌرائيءَ موجب آپريشن بنيان مرصوص جي اعليٰ حڪمتِ عملي ۽ دشمن کي بدترين شڪست ڏيڻ تي جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي.

وزيراعظم چيو ته ڀارت سان ڳالهيون ٿيون ته ڪشمير، پاڻي، واپار ۽ دهشتگردي تي ٿينديون.

هن چيو ته ڪنهن ٽئين ملڪ ۾ ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو سٺو ٿي سگهي ٿو پر ڀارت ڪنهن به ٽئين ملڪ جي ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ تي راضي ناهي.

وزيراعظم چيو ته جنگ ۾ ڪو کٽي ٿو ته ڪو هارائي ٿو، جنگ مستقل حل ناهي، رڳو امن ئي محفوظ مستقبل جي ضمانت آهي.

اسرائيل جنگ دوران هندستان جي تمام گهڻي مدد ڪئي، هندستان سرينگر ۽ ٻين هنڌن تي اسرائيلي هٿيار استعمال ڪيا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.