معصوم ٻارن کي نشانو بڻائيندڙ انسانيت دشمن آهن: بلوچستا جي وڏي وزير جي پريس ڪانفرنس
ڪوئيٽا (نيشنل ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته خضدار ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ چار ٻار شهيد ٿيا آهن.
ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائيندڙ انسانيت دشمن آهن، ڀارت وائرائپ ۾ معصوم ٻارن کي نشانو بڻائي پيو.
هن چيو ته هاڻي فيصلو ڪرڻو پوندو، خاموش تماشائي جو ڪردار نه هوندو، رياست سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي، واعدو آهي بلوچستان ۾ امن واپس ايندو.
بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته دهشتگردن وٽ ايتري سگهه ناهي، کين چونڊي چونڊي ماري سگهون ٿا، ڌماڪو آپگهاتي نه پر ريمورٽ ڪنٽرول هو.
سربراز بگٽيءَ جو چوڻ هو ته اسڪولي بس ۾ 44 ٻار سوار هئا، حملي بابت انٽيليجنس رپورٽ هئي، ڀارت بلوچستان ۾ دهشتگردي ڪرائي پيو.
هن چيو ته دهشتگرد هميشه سولن هدف کي نشانو بڻائيندا آهن، ڀارت رياستي پاليسي طور دهشتگردي کي هٿي وٺرائي پيو.
ٻارن جي وين کي نشانو بڻائڻ انسانيت تي حملو آهي، ڀارت، ايجنٽن ذريعي بلوچستان ۾ دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي.
سرفراز بگٽي چيو ته پاڪستان کان شڪست کائن کان پوءِ ڀارت بزدلاڻن حملن تي لهي آيو آهي، ڀارت جو مڪروهه چهرو دنيا آڏو وائکو ڪنداسين.
وڏي وزير چيو ته دهشتگردن کي پاڙان پٽي اڇلائينداسين، پاڪستاني قوم ۽ فوج، ڀارتي سازشن خلاف متحد آهي،آسان هدف تي حملا ڀارتي اخلاقي پستي ظاهر ڪن ٿا.