سلمان علي آغا بنگلاديش خلاف سيريز ۾ ٽيم جي قيادت ڪندو، شاهين آفريدي ڊراپ
لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) بنگلاديش خلاف ٽِن ٽي 20 ميچن جي سيريز لاءِ پاڪستان جي 16 رڪني جٿي جو اعلان ڪيو ويو آهي.
سلمان علي آغا بنگلاديش جي خلاف سيريز ۾ قومي ٽيم جي قيادت ڪندو، سيريز جون 3 ميچون لاهور ۾ ٿينديون جڏهن ته شيڊيول جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.
پاڪستاني جٿي ۾ فاسٽ بالر حسن علي، فخر زمان ۽ صائم ايوب جي قومي ٽيم ۾ واپسي ٿي، حسين طلعت، صاحبزاده فرحان ۽ فهيم اشرف کي به ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو.
فاسٽ بالر نسيم شاهه ۽ محمد وسيم جونيئر به اسڪواڊ ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب، جڏهن ته عبدالصمد، جهانداد خان، عباس آفري ۽ شاهين آفريدي اسڪواڊ ۾ جاءِ نه ٺاهي سگھيا.
محمد علي، عمير بن يوسف، سفيان مقيم ۽ عثمان خان کي به ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويو ۽ اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان کي به اسڪواڊ ۾ جاءِ نه ملي.
اسڪواڊ ۾ سلمان علي آغا (ڪپتان) شاداب خان (نائب) ابرار احمد، فهيم اشرف، فخر زمان، حارث رئوف، حسن علي، حسن نواز، حسين طلعت، محمد عرفان خان، خوشدل شاهه، محمد حارث (وڪيٽ ڪيپر) محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه، صاحبزاده فرحان (سيڪنڊ وڪيٽ ڪيپر) ۽ صائم ايوب شامل آهن.