آمريڪي عوام سان واعدو ڪيو هو ته جديد ترين ميزائل دفاعي شيلڊ ٺاهيندو: ڊونلڊ ٽرمپ
واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا لاءِ نئين ميزائل دفاعي نظام گولڊن ڊوم منصوبي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ٽرمپ جو چوڻ آهي ته آمريڪي عوام سان واعدو ڪيو هو ته جديد ترين ميزائل دفاعي شيلڊ ٺاهيندو.
ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته هي ميزائل دفاعي نظام سندس صدارتي مدو ختم ٿيڻ تائين فعال ٿي ويندو.
گولڊن ڊوم دفاعي نظام تي 175 ارب ڊالر خرچ ٿيندا، گولڊن دفاعي نظام هوا ۾ فائر ڪيل ميزائلن کي به ڪيرائڻ جي سگھه رکي ٿو.