ڪراچيءَ کان ملتان ويندڙ بس سان حادثو، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو
رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) رحيم يار خان جي علائقي اقبال آباد ۾ بس ۽ مزدا ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت، 30 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.
حادثي بعد فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، بس ڪراچي کان ملتان وڃي رهي هئي ته ان سان حادثو پيش آيو.