تازہ ترین

سنڌ حڪومت سٺا ادارا ٺاهيا، عوام چاهي ٿو ته سنڌ حڪومت ٻين صوبن ۾ به ادارا قائم ڪري: سعيد غني

قانون جي ڀڃڪڙي تي چالان ڪوريئر ذريعي موڪليا ويندا، غير قانوني ڊمپرز خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي: مڪيش ڪمار چاولا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ حڪومت سٺا ادارا قائم ڪيا آهن، عوام چاهي ٿو ته سنڌ حڪومت ٻين صوبن ۾ به ادارا قائم ڪري.

ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺهرائي ڏنا ويندا، گهرن جي اڏاوت لاءِ پيسا وفاقي حڪومت ڏيندي.

صوبائي وزير سعيد غني ۽ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت مختلف قدمن جي منظوري ڏني آهي.

سنڌ ڪابينا، هٿياربند فوج کي ڀيٽا پيش ڪئي، ڀارت خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج قوم جو ڳاٽ اونچو ڪيو، ڪابينا قومي ڪائونسل هيوميو پيٿي لاءِ نامزدگي جي منظوري ڏني وئي.

فارنزڪ سائنس ايجنسي لاءِ ڊي جي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، منشيات جي روڪٿام بابت ايڪٽ تحت خاص عدالتون ٺهنديون

ان موقعي تي مڪيش ڪمار چاولا جو چوڻ هو ته قانون جي ڀڃڪڙي تي چالان ڪوريئر ذريعي موڪليا ويندا، غير قانوني ڊمپرز خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

پارڪنگ سميت ٻين ضابطن جي ڀڃڪڙي تي ڪارروئي ٿي رهي آهي، غير قانوني سرڪاري نمبر پليٽ تي به ڪارروائي ٿيندي، چاهيون ٿا ته ڪاروباري طبقي کي سولائي ٿي.

ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسسيشن واري صوبائي وزير مڪيش چيو ته منشيات جي استعمال سبب نوجوان نسل تباهه ٿئي پيو، هر قسم جي منشيات کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.