صوبائي وزير ايندڙ بجيٽ جي سالياني ترقياتي پروگرام جي رٿائن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداري ايندڙ بجيٽ جي سالياني ترقياتي پروگرام جي رٿائن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو.
صوبائي وزير علي حسن زرداري جي صدارت هيٺ لاڙڪاڻي ۾ چونڊيل نمائندن ۽ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي عملدارن جو اجلاس.
اجلاس دوران لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جاري ترقياتي رٿائن تي غور ويچار، نين اسڪيمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
چونڊيل نمائندن طرفان صوبائي وزير آڏو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي نين اسڪيمن بابت تجويزون پيش.
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جاري ترقياتي ڪمن کي مقرر وقت تي مڪمل ڪيو وڃي، علي حسن زرداري جي عملدارن کي هدايت.
سندس چوڻ هو ته چونڊيل نمائندن طرفان ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي تجويز ڪيل نين اسڪيمن کي ايندڙ بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو.