الله کان پوءِ پاڻ تي ڀروسو آهي، پاڪستان لاءِ سڀ کان اهم شيءِ سندس طاقت آهي: انٽرويو
راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) ڊي جِي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستاني قوم نه اڳ جهڪي ۽ نه هاڻي جهڪندي.
ڊي جِي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جو پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو ته الله کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ پاڻ تي ڀروسو ڪريون ٿا، پاڪستان لاءِ سڀ کان اهم شيءِ سندس طاقت آهي.
هن چيو ته وردي ڪهڙي به رنگ جي هجي شهادت اسان لاءِ اعزاز آهي، اسين دهشتگردي جي لعنت سان وڙهي رهيا آهيون، دهشتگردي جو مقصد ترقي کي روڪڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته دنيا موسمياتي تبديلي، وڌندڙ آبادي سميت وڏن چيئلنجز کي منهن ڏئي رهي آهي، وڏن ملڪن جو ويزن به وڏو آهي.
ماڻهو انسانيت جي ترقي ڏانهن ڏسي رهيا آهن، پاڪستان ۽ چين ٻئي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دنيا کي ڏسڻ گهرجي ته چين ڪيتري ئي عرصي ۾ ڪيتري ترقي ڪئي آهي.
هن چيو ته پاڪستان جا ماڻهو به ترقي ۽ استحڪام ڏانهن وڌڻ چاهين ٿا، اسان جي پهرين ترجيح امن آهي.