ڀارت طرفان اڳرائي تي پاڪستاني ردعمل عالمي چارٽر تحت پنهنجي دفاع جي حق جي استعمال هو
نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ڪشمير مسئلي جي حل بنا خطي ۾ جٽادار امن ممڪن ناهي.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار عرب گروپ جي سفيرن کي ڏکڻ ايشيا جي موجوده علائقائي صورتحال تي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي سميت ٻيا ڀارتي جارحاڻا قدم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين ڀڃڪڙي آهن.
ڀارت طرفان کليل اڳرائي تي پاڪستان جو ردعمل عالمي چارٽر تحت پنهنجي دفاع جي حق جي استعمال ۾ مناسب قدم هو.