تازہ ترین

هوائي فوج جي شاهينن جديد ٽيڪنالاجي سان دشمن کي سبق سيکاريو: وزيراعظم شهباز شريف

سامونڊي فوج جي تياري بي مثالي، اُن بندرگاهن ۽ واپاري رستن جي ڀرپور نموني حفاظت ڪئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هوائي فوج جي شاهينن جديد ٽيڪنالاجي سان دشمن کي سبق سيکاريو.

سامونڊي فوج جي تياري بي مثال هئي، سامونڊي فوج بندرگاهن ۽ واپار وارن رستن جي ڀرپور نموني حفاظت ڪئي.

وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان نيوي ڊاڪيارڊ ۾ آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان نيوي 1965ع جيان تاريخ ورجائڻ لاءِ تيار هئي،

وزيراعظم چيو ته اسان جي فوج جي تياري سبب دشمن اسان جي وار کي به ونگو نه ڪري سگهيو.

ترڪيه، سعودي عرب، قطر، يو اي اِي ۽ ٻين دوست ملڪن جي قيادت جا ٿورائتا آهيون، چين هر ڏکي وقت ۾ پاڪستان جو مڪمل ساٿ ڏنو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ آمريڪي صدر جو ڪردار به واکاڻ جوڳو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.