شاهين ميزائل بابت ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ هٿ ٺوڪي آهي، ڀارتي فوج دعويٰ غلط ثابت ٿيڻ تي وڊيو ڊليٽ ڪئي
راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان ڀارت خلاف بنيان مرصوص آپريشن دوران شاهين ميزائل استعمال ڪرڻ واري الزام کي رد ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته شاهين ميزائل بابت ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ هٿ ٺوڪي آهي، ڀارتي فوج دعويٰ غلط ثابت ٿيڻ تي وڊيو ڊليٽ ڪئي.
ان باوجود ڀارتي ميڊيا ڪوڙو بيانيئو پکيڙيو، ڀارتي ميڊيا جي اها مهم آپريشن سندور ۾ ڀارت جي ناڪامي کي لڪائڻ جي ڪوشش آهي.
پرڏيهي کاتي موجب ڀارت جي ڪوڙي پروپيگنڊا جنگ بندي تي غلط بياني ۽ ايٽمي بليڪ ميلنگ جي بيانيئي سان ڳنڍيل آهي.
پرڏيهي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته هٿ ٺوڪي ۽ چڙ ڏياريندڙ خبرون خطي ۾ امن کي نقصان پهچائين ٿيون.