پيارو چانڊيو جو پنهنجي زمين مان لاش مليو، ٺل ۾ باءِ پاس تي بُهه جي ڪارخاني مان مزدور جو گولي لڳل لاش هٿ آيو
قاضي احمد (ويب ڊيسڪ) قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ حمزو خان چانڊيو واسي نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو.
پيارو چانڊيو جو پنهنجي زمين مان لاش مليو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڏني.
ٺل ۾ باءِ پاس تي بُهه جي ڪارخاني مان مزدور جو گولي لڳل لاش هٿ، ڳڙهي ياسين واسي علي خان جتوئي جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس ڪارخاني جي چوڪيدارن سميت ٻن ڄڻن کي حراست ۾وٺي ڇڏيو.
نوجوان جي والد پٽ جي قتل جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو، پوليس موجب نوجوان قتل ٿيو يا خودڪشي ڪئي، جاچ ڪئي پئي وڃي.