تازہ ترین

نيتن ياهو پاران غزه تي مڪمل قبضي جو اعلان، آمريڪي دٻاءَ تي محدود امداد پهچائڻ جي اجازت

اسرائيلي فورسز خان يونس ۾ سٺو ڪم پئي ڪري، وڌيڪ تفصيل بيان نٿا ڪري سگھجن: اسرائيلي وزيراعظم

تل ابيب (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو غزه ۾ محدود پئماني تي بنيادي انساني امداد جي ورهاست جي اجازت ڏيندي چيو آهي ته اسرائيل غزه تي مڪمل قبضو ڪندو.

اسرائيلي فوج غزه جي ٻئي وڏي شهر خان يونس جي سمورين شهرين کي فوري جبري طور شهر ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

الجزيره جي رپورٽ موجب اسرائيلي سرڪار جي نشرياتي اداري ”ڪان“ وزيراعظم بابت چيو آهي اسان غزه جي پٽيءَ جي سمورن علائقن جو ڪنٽرول حاصل ڪري رهيا آهيون.

خان يونس ۾ اڄ صبح ”خاص آپريشن“ بابت غير تصديق ٿيل رپورٽ بابت نيتن ياهو چيو ته اسرائيلي فورسز اتي سٺو ڪم پئي ڪري، پر وڌيڪ تفصيل بيان نٿا ڪري سگھجن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.