ڀارت ڪشمير جي مسئلي کي ڏاڍ ذريعي اندروني مسئلو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: ترڪ ٽي وي کي انٽرويو
راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌريءَ چيو آهي ته ڪشمير عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪرار آهي.
ڀارت ڪشمير جي مسئلي کي ڏاڍ ذريعي اندروني مسئلو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڀارت ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش نٿو ڪري.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جو ترڪ نيوز ايجنسي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته پاڪستان ڀارتي قبضي ۽ ڏاڍ اڳيان نه جهڪندو.
هن چيو ته ڀارت جيترو جلد سمجهندو، اوترو ئي علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ بهتر آهي، ڀارت پهلگام واقعي ۾ ڪو به ثبوت فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته هندستاني حڪومت اهڙن واقعن کي دهشتگردي جي بهاني طور استعمال ڪري رهي آهي.
هن چيو ته جعفر ايڪسپريس تي حملو ڪندڙ بي ايل اي کليل نموني ڀارت کان مدد جي درخواست ڪئي هئي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننت جنرل احمد شريف وڌيڪ چيو ته نئين دهلي ۾ ڪجهه اڳواڻن، سياستدانن ۽ رٽائرڊ جنرلن بي ايل اي جي حمايت ۾ بيان ڏنا.
