پاڪستان نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سپر ٽيڪس جي خاتمي جي تجويز پيش ڪندو
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٽيڪنيڪل ڳالهين جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ پاليسي سطح تي بجيٽ بابت ڳالهيون اڄ شروع ٿينديون.
پاڪستان نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سپر ٽيڪس جي خاتمي جي تجويز پيش ڪندو.
ڳالهين ۾ پاڪستان آءِ ايم ايف کي درآمد ۽ برآمد تي ٽيڪس گهٽائڻ، ريئل اسٽيٽ کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ پگهاردار طبقي تي ٽيڪس جو بار گهٽائڻ لاءِ تجويزون ڏيندو.