اسرائيل جي غزا جي گهيراءُ ۽ فاقه ڪشي جي پاليسي عالمي قانون سان مذاق آهي: انتونيو گوتريس
غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيلي فوج جي وڏي پئماني تي زميني ڪارروائي شروع، حملن ۾ 140 فلسطيني شهيد، 361 زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج ڪيترائي علائقا خالي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن، اتر غزا ۾ هڪ اسپتال سميت مختلف هنڌن تي حملا ڪيا ويا.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي غزا جي گهيراءُ ۽ فاقه ڪشي جي پاليسي عالمي قانون سان مذاق آهي.
انتونيو گوتريس جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسرائيل پابندي لڳايل امداد جي ناڪابندي بنادير ختم ڪئي وڃي.