ڀارت ۾ دلتن ۽ ٻين اقليتن تي ظلم خلاف آوازا اُٿارڻ تي مودي سرڪار ايڪس اڪائونٽ بند ڪيو: ولاسائي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارت پيپلزپارٽي جِي سينيٽر شيري رحمان کان پوءِ بلاول هائوس جي ترجمان سُريندر ولاسائي جو ايڪس اڪائونٽ به بند ڪري ڇڏيو.
بلاول هائوس جي ترجمان سُريندر ولاسائي چيو آهي ته ڀارت ۾ دلتن ۽ ٻين اقليتن تي ظلم خلاف آوازا اُٿارڻ تي مودي سرڪار سندس ايڪس اڪائونٽ بند ڪيو آهي.
سريندر ولاسائيءَ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سوشل ميڊيا اڪائونٽ بند ڪندڙ مودي دنيا جي ڪروڙين ماڻهن جو آواز دٻائي نٿو سگهين.