اسان جي فوج بهادري سان دشمن کي ڀرپور جواب ڏنو، پاڪ فوج جي قيادت جوانن جي حوصلا افزائي ڪئي
سيالڪوٽ (نيشنل ڊيسڪ) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪ فوج جي بهادري جو داستان ڪتابن ۾ بيان ڪيو ويندو.
ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي بچاءَ واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي فوج بهادري سان دشمن کي ڀرپور جواب ڏنو، پاڪ فوج جي قيادت جوانن جي حوصلا افزائي ڪئي.
هن چيو ته اسان وڏيون قربانيون ڏيڻ کانپوءِ هن ملڪ کي حاصل ڪيو، نوجوان نسل کي تاريخ بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي.
خواجه آصف چيو ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن هڪ ڌار ملڪ لاءِ جدوجهد ڪئي، ڀارت ايجنٽن ذريعي پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪندو آهي.
هن چيو ته هاڻ اسان جي جنگ دهشتگردن خلاف آهي، دهشتگردن جو اهو ئي حال ٿيندو ، جيڪو ڀارتي ايئرفورس جو ٿيو.
خواجه آصف وڌيڪ چيو ته اسان جي فوج جذبي سان دشمن کي شڪست ڏني، جيڪڏهن ڀارت ٻيهر اڳرائي ڪئي ته کيس اڳ کان وڌيڪ سخت جواب ملندو.