تازہ ترین

ٽنڊوغلام حيدر لڳ ڊوڪيا واهه مان نوجوان جو لاش ھٿ آيو

ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پوليس واهه مان لاش ڪڍرائي سرڪاري اسپتال آندو

ٽنڊوغلام حيدر (ويب ڊيسڪ) ٽنڊوغلام حيدر لڳ ڊوڪيا واهه مان نوجوان جو لاش ھٿ آيو.

ڳوٺ زنگي خان لاشاري واسين جي اطلاع تي پوليس واهه مان لاش ڪڍرائي سرڪاري اسپتال آندو.

نوجوان جي 25 سالن جي ھري رام ڪولهي طور سڃاڻپ، وارثن جو چوڻ آھي ته هري رام ڪولهي 2 ڏينهن اڳ زال کان ناراض ٿي گهران نڪري ويو ھو.

نوجوان جو اڄ صبح واهه مان لاش مليو، ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آھي ته واقعو خودڪشي جو لڳي رھيو آھي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.