تازہ ترین

آپريشن بنيان مرصوص ۾ تاريخي سوڀ تي سڄي ملڪ ۾ شڪراني جو ڏينهن ملهايو ويو

عوام ۽ هٿياربند فوج کي ڀيٽا پيش، ڏينهن جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ خاص دعائن سان ڪئي وئي

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ڀارتي جارحيت خلاف جوابي ڪارروائي، آپريشن بنيان مرصوص ۾ تاريخي سوڀ تي اڄ سڄي ملڪ ۾ شڪراني جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.

پاڪستاني عوام ۽ هٿياربند فوج کي ڀيٽا پيش، ڏينهن جي شروعات مسجدن ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ خاص دعائن سان ڪئي وئي.

وفاقي راڄڌاني ۾ 31 ۽ صوبائي راڄڌانين ۾ 21 توپن جي سلامي ڏني وئي، مزار قائد ۽ علامه اقبال جي مزارن تي گارڊز جي تبديلي واري پروقار تقريب منعقد.

سڄي ملڪ ۾ شهيدن جي يادگارن تي گل نڇاور، دعائيه تقريبون پڻ منعقد، وزير اعظم هائوس ۾ هائوس ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي.

مُک تقريب اسلام آباد ۾ ٿيندي، وزيراعظم شهباز شريف خاص مهمان ۽ ٽنهي فوجن جا سربراهه به شرڪت ڪندا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.