تازہ ترین

ڀارتي اڳرائي ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن لاءِ هڪ ڪروڙ ۽ زخمين کي 10 لک رپيا ڏنا ويندا: مراد علي شاهه

آپريشن بنيان مرصوص ۾ڪاميابي تي شڪراني جي موقعي تي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ جهنڊو چاڙهڻ جي تقريب ڪوٺائي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ڀارتي جارحيت جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن لاءِ هڪ ڪروڙ ۽ زخمين کي 10 لک رپيا ڏنا ويندا.

پاڪ فوج جي بهادر سپاهين ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، مادر وطن جو دفاع هر پاڪستاني جو پهريون فرض آهي، ملڪي عزت تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو.

آپريشن بنيان مرصوص ۾ڪاميابي تي شڪراني جي موقعي تي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ جهنڊو چاڙهڻ جي تقريب ڪوٺائي وئي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جهنڊو ڦڙڪايو، صوبائي وزير، صلاحڪار، خاص مددگار، چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا آفيسر پڻ تقريب ۾ شريڪ، ملڪ سان محبت جي اظهار لاءِ قومي ترانو وڄايو ويو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.