راڳي صدرالدين شاهه راشديءَ گڙدن جي بيماري سان جھيڙيندي گمس اسپتال ۾ پساهه پورا ڪيا
گمبٽ (ڪلچرل ڊيسڪ) سنڌ جو ناميارو صوفي راڳي سيد صدرالدين شاهه راشدي بيماريءَ سان جهيڙيندي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو.
راڳي صدرالدين شاهه راشديءَ گمس اسپتال گمبٽ ۾ پساهه پورا ڪيا، سندس مڙهه نئون ديرو آندو ويو.
راڳي گڙدا فيل ٿيڻ بعد ڊگهي عرصي کان بيماري جي بستري تي هو، سنڌ حڪومت پاران سندس مالي مدد ڪئي وئي هئي.
صدرالدين شاهه راشدي نئون ديرو جي پير ڳوٺ پاڙي ۾ جنم ورتو، ننڍي هوندي کان ئي راڳ ويراڳ جي دنيا ۾ پير پاتائين.
ثقافت ۽ سياحت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه پاران راڳي صدرالدين شاهه جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظھار.
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته صدرالدين شاھ راشدي پنھنجي فن سبب ھميشه زندهه رھندو، صوفي راڳيءَ جي وڇوڙي تي سندس پونئرن سان ڏک جو اظهار ڪجي ٿو.