تازہ ترین

ٺري ميرواهه ويجهو ڳوٺ تارڪو وڏو ۾ رولو ڪتن حملو ڪري نينگر کي ڏاڙهي ماري وڌو

رولو ڪتن 15ورهين جي وقار احمد ٻانڀڻ جي جسم جي مختلف هنڌن تي چڪ هنيا، اسپتال ۾ فوت

ٺري ميرواهه (ويب ڊيسڪ) ٺري ميرواهه ويجهو ڳوٺ تارڪو وڏو ۾ رولو ڪتن حملو ڪري نينگر کي ڏاڙهي ماري وڌو.

رولو ڪتن 15ورهين جي وقار احمد ٻانڀڻ جي جسم جي مختلف هنڌن تي چڪ هنيا، زخمي نينگر کي ٺري ميرواهه اسپتال آندو ويو، جتي نينگر زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته يوسي تارڪو وڏو ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، ڪتا مار مهم شروع ڪئي وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.