ڳوٺ ڊکڻن جي وانڍ ۾ 10 گهرن کي باهه، گهرن ۾ پيل اناج ، هنڌ بسترا ۽ کٽون سڙي ويا
ڊکڻ (ويب ڊيسڪ) ڊکڻ ۽ بڊاڻي ۾ باهه جي ڌار ڌار واقعن جي نتيجي ۾ 14 گهر سڙي رک ٿي ويا.
ڊکڻ ڀرسان ڳوٺ ڊکڻن جي وانڍ ۾ 10 گهرن کي باهه وڪوڙي وئي، گهرن ۾ پيل اناج ، هنڌ بسترا کٽون ۽ ڳوٺ ٻاهران رکيل ڪڻڪ جي ديرن سميت رکيل ٻيو قيمتي سامان به سڙي رک ٿي ويو.
متاثر ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته گند جي ڍيِر مان ڳوٺ کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي، جنهن ڪري ڪري 10 کان وڌيڪ گهر سڙي ويا آهن، باهه اڃا وسائي نه سگھيا آهيو.
بڊاڻي لڳ ڳوٺ مولا بخش چاچڙ ۾ پورهيتن جي گهرن کي باهه چئن گهرن کي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو.
باهه سبب مينهون، ٻڪريون ۽ الهه تلهه سڙي رک، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو، متاثرن جون دانهون، وس وارن کي مدد جي اپيل.