هي پاڪ فوج نه پر پوري قوم جي ڪاميابي آهي، ڀارتي اڳرائي جو ڀرپور انداز سان جواب ڏيڻ تي فوج تي فخر آهي: صدر
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر مملڪت آصف علي زرداري طرفان ڀارت خلاف حق جي جنگ ۾ ڪاميابيءَ تي ٽنهي فوجن جي سربراهن ۽ بهادر سپاهين کي ڀيٽا پيش.
صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته هي رڳو پاڪ فوج نه پر پوري قوم جي ڪاميابي آهي، ڀارتي اڳرائي جو پيشوراڻي ۽ ڀرپور انداز سان جواب ڏيڻ تي فوج تي فخر آهي.
پاڪستان صبر جو مظاهرو ڪيو، جنهن جو دنيا به اعتراف ڪيو، پاڪستان جي خودمختياري، سلامتي ۽ قومي مفادن تي ڪا به سوديبازي نه ڪبي.
سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي کي رد ڪيون ٿا، معاهدي جي هڪ طرفي معطلي جو ڪو به قانون موجود ناهي.