پاڪستان سموري عمل ۾ ظاهر ڪيو آهي ته اسان جنگ نه ٿا چاهيون پر پنهنجي دفاع جي صلاحيت رکون ٿا: انٽرويو
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته عوامي بيان پنهنجي جاءِ تي، هن وقت پاڪستان ۽ ڀارت ۾ سيز فائر ٿيل آهي پر اسان کي خطرو محسوس ٿي رهيو آهي ته ڀارت طرفان هي سيز فائز جاري نه رهندو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته پاڪستان سموري عمل ۾ ظاهر ڪيو آهي ته اسان جنگ نه ٿا چاهيون پر پنهنجي دفاع جي صلاحيت رکون ٿا.
هن چيو ته ڳالهين ۾ ڪشمير مسئلو به شامل آهي، جيڪا پاڪستان جي وڏي ڪاميابي آهي، ڀارت جو موقف هو ته والاريل ڪشمير سندن اندروني مسئلو آهي.
پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو وڌيڪ چوڻ هو ته بيانيئي جي لحاظ کان پاڪستان کي تمام گهڻيون ڪاميابيون مليون آهن.