ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا ساره عمير انڪشاف ڪيو ته ماضيءَ ۾ هڪ ڊرامي جي شوٽنگ دوران هدايتڪار بار بار کيس نامناسب انداز ڇهندو رهيو، جنهن تي مون کيس سڀني جي سامهون چماٽ وهائي ڪڍي ۽ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
ساره عمير تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي چينل جي مارننگ شو ۾ شرڪت ڪئي جتي ساڻس اريج چوڌري ۽ ميمونه قدوس به گڏ هيون.
پروگرام دوران اريج چوڌري ۽ ميمونه قدوس به پاڻ سان پيش ايندڙ ڪجھه نامناسب واقعن جو ذڪر ڪيو جڏهن ته ساره عمير به پنهنجا ڪيترائي قصا ٻڌايا.
اداڪارا ماضيءَ جو هڪ قصو بيان ڪندي ٻڌايو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ هڪ هدايتڪار ان سان نامناسب رويو اختيار ڪيو.
هن چيو ته سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ شوٽ هلندڙ هئي جنهن دوران هدايتڪار کيس هر هر نامناسب انداز ۾ ڇهي رهيو هو، جنهن تي مون کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ مون کيس چماٽ وهائي ڪڍي.
اداڪارا سارا چيو ته مان ڪاظم پاشا جھڙن هدايتڪارن سان ڪم ڪري چڪي آهيان جنهن کي پنهنجو استاد مڃيندي آهيان، جنهن ڪڏهن ڪا غلط ڳالهه به نه ڪئي.