انگلينڊ جي اليڪس هيلز ۽ ڏکڻ آفريڪي راسي وين ڊر ڊوسن به پاڪستان اچڻ جي حامي ڀري ورتي
لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ڏهين ايڊيشن جي رهيل ميچن لاءِ پرڏيهي رانديگرن جو ٻيهر ٽيمون جوائن ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.
انگلينڊ جي اليڪس هيلز ۽ ڏکڻ آفريڪا جي راسي وين ڊر ڊوسن به پاڪستان اچڻ جي ٻيهر حامي ڀري ورتي آهي.
ڏکڻ آفريڪا جي بيٽسمين رسي وين ڊر ڊيوسن به پنهنجي دستيابي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، ان کان اڳ انگلش بيٽسمين ايلڪس هيلز به پي ايس ايل 10 جي باقي ميچن جي لاءِ راضپو ڏيکاريو.
ايلڪس هيلز اسلام آباد يونائيٽيڊ جو حصو آهي، هو پهريان به اسلام آباد يونائيٽيڊ جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.