تازہ ترین

عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي پاران پاڪستان جا سمورا ايٽمي اثاثا محفوظ قرار

ڀارت پاران ڪوڙي پروپئگنڊا شروع ڪئي پي وئي ته پاڪستان جا ايٽمي اثاثا غير محفوظ آهن

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اِي اي) پاڪستان جي سمورن ايٽمي سائيٽس کي محفوظ قرار ڏيندي ڀارتي ڪوڙ کي وائکو ڪري ڇڏيو.

پاڪستاني فوج جي هٿان بدترين شڪست کائڻ کان پوءِ ڀارت ڪوڙي پروپئگنڊا شروع ڪئي هئي ته پاڪستان جا ايٽمي اثاثا غير محفوظ آهن.

خابروا داري موجب آءِ اي اِي اي چيو آهي ته ڀارت جي حملن دوران پاڪستان جا سمورا ايٽمي اثاثا محفوظ رهيا، پاڪستاني ايٽمي اثاثن مان ڪا ايٽمي توانائي خارج نه ٿي.

عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي واضح ڪيو ته ڀارت جي ميزائل حملن دوران پاڪستان جا ميزائل ٿاڪ مڪمل محفوظ رهيا  پاڪستان جي ايٽمي ٿاڪن مان تابڪاري خارج نه ٿي.

پاڪستاني فوج جي آپريشن ”بنيان مرصوص“دوران ڀارت ۾ نه رڳو براهموس ميزائلن جا ٿاڪ تباهه ٿيا هئا پر ايس 400 ميزائل دفاعي نظام به تباهه ٿي ويو هو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.