تازہ ترین

سڄي دنيا ۾ ڀارت جو ڪوڙ ۽ واويلا وائکي ٿي چڪي: وڏو وزير مراد علي شاهه

پاڪ فوج هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ تيار آهي: شڪراني واري تقريب کي خطاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ ڀارت جو ڪوڙ ۽ واويلا وائکي ٿي چڪي، پاڪ فوج هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ تيار آهي.

ڪراچي ۾ پ پ جي انتظام هيٺ ڀارت خلاف ڪاميابي تي شڪراني جي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته سڄي قوم هٿياربند فوج سان مضبوط ڀت جيان بيٺل آهي.

ڀارت سوچيل سمجهيل سازش تحت پاڪستان تي حملو ڪيو، حقيقت ۾ ڀارت ڪجهه نٿو ڪري سگهي، پهلگام واقعي جي ڪلاڪ اندر ڀارت پاڪستان تي الزام مڙهيو.

هن چيو ته سڄي دنيا پهلگام واقعي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو،  ڀارت کي پنهنجي ذلت ئي ڪرائڻي هئي، جيڪا ان جو مقدر هئي، هو پاڪستان طرف اک کڻي ڏسندڙن جي اک ڪڍي ڇڏيندا.

وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان ڀارتي حملن ۾ شهيدن جي وارثن لاءِ هڪ -هڪ ڪروڙ ۽ زخمين لاءِ 10-10 لک رپين جو اعلان.

وڏي وزير چيو ته اسڪول به شهيد مختيار لغاريءَ جي نالي سان منسوب ڪيو ويندو.

پاڪ- ڀارت جنگ دوران اليڪٽرانڪ ميڊيا، سوشل ميڊيا تي اهم ڪردار ادا ڪندڙ اينڪرس، صحافين، اداڪارن ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسرز کي مڃتا طور شيلڊز سان نوازيو ويو.

وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ پ پ ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر شيلڊز ڏنيون، ڏهرڪي ۾ ڊرون حملي ۾ شهيد ٿيل مختيار لغاري جي والد کي پڻ شيلڊ پيش ڪئي ويئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.