تازہ ترین

پاڪستان رافيل جهاز ڪيرائي ڀارت جو غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو: شرجيل انعام ميمڻ

عالمي ميڊيا به ڀارتي جهاز تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪري پاڪستان جي مضبوط دفاع جو ثبوت ڏنو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان رافيل جهاز ڪيرائي ڀارت جو غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.

عالمي ميڊيا به ڀارتي جهاز تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪئي، پاڪستان ڀارت جا 84 ڊرون ڪيرائي مضبوط دفاع جو ثبوت ڏنو.

ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته آپريشن بنيان مرصوص ذريعي پاڪ فوج ڪاميابي ماڻي، ڀارت پرامن پاڪستان تي الزام لاڳئي جنگ مڙهي.

پاڪستان ۾ دهشتگردي جو فائدو ڀارت کي ٿئي پيو، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.

هن چيو ته ڀارت پنهنجي قدمن سبب دنيا ۾ اڪيلو ٿيندو پيو وڃي، ڀارت خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي سفارتي سطح تي به ڪاميابي ملي.

پهلگام واقعي بعد پاڪستان جاچ ۾ سهڪار جي آڇ ڪئي، ڀارت، پاڪستان جي آڇ کي رد ڪندي بنا سوچڻ جي الزام مڙهيا.

شرجيل ميمڻ چيو ته ڀارت جنگ مڙهي لکين ماڻهن جي حياتين کي خطري طرف ڌڪيو، مودي رڳو گجرات نه پر ايشيا جو ڪاسائي آهي.

سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته ڀارت پاڻ کي ايشيا جو ٽائيگر ثابت ڪرڻ چاهي پيو، پر خراب طرح سان ناڪام ٿي ويو آهي.

سموري قوم سان گڏ پيپلزپارٽي به ڀارت خلاف سوڀ جو جشن ملهائي رهي آهي، ڀارت خلاف جنگ ۾ پ پ قيادت جي موجودگي نظر آئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.