تازہ ترین

نئين سال ۾ زرعي ترقي ۽ فصلن جي پيداوار وڌائڻ جا منصوبا شامل ڪرڻ گهرجن: سنڌ جو وڏو وزير

زرعي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، صحت جو شعبو هميشه اسان جي اولين ترجيح رهيو آهي: ڳالهيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نئين سال ۾ زرعي ترقي ۽ فصلن جي پيداوار وڌائڻ جا منصوبا شامل ڪرڻ گهرجن.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ منصوبابندي ۽ ترقي کاتي جي اجلاس.

اجلاس دوران وڏي وزير چيو ته زرعي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، صحت جو شعبو هميشه اسان جي اولين ترجيح رهيو آهي، هاڻي اسان کي صحت جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻو آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران پي اينڊ ڊي کاتي کي سالياني ترقياتي پروگرام کي آخري شڪل ڏيڻ جي هدايت.

صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري فنانس فياض جتوئي، ميمبر پي اينڊ ڊي فتح تنيو ۽ ٻيا شريڪ اجلاس ۾ شريڪ هئا.

وڏي وزير جو چوڻ هو ته نئين بجيٽ ۾ ٻوڏ متاثر انفراسٽرڪچر جي مرمت ڪئي ويندي، نئين اي ڊي پي ۾ ڪينال ۽ واٽر ڪورس جي لائننگ شامل ڪريو.

هن چيو ته پرائمري اسڪولن کي ايليمينٽري اسڪولن ۾ اپ گريڊ ڪرڻ ضروري آهي، تعليم جي ترقي لاءِ تعليم کاتي تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي.

غير رسمي تعليم کي به مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٽيڪنيڪل ۽ اعليٰ تعليم لاءِ ڪيتريون ئي اسڪيمون قائم ڪيون وڃن.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران نوجوانن لاءِ راندين ۽ صحتمند سرگرمين تي ٻڌل منصوبا تيار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.