تازہ ترین

مولانا فضل الرحمان جو حڪومت کان موجوده صورتحال تي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائن جو مطالبو

ڀارت ۾ مخالف ڌر، مسلمانن ۽ سکن مودي جي حمايت نه ڪئي، مودي ڀارت ۾ غير مقبول ٿي چڪو: مولانا

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته موجوده صورتحال تي بحث لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي وڃي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته پرڏيهي معاملن ۾ افغانستان سان دوستي جو وقت آهي، ڀارت سڄي خطي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪئي.

ڀارت ۾ مخالف ڌر، مسلمانن ۽ سکن مودي جي حمايت نه ڪئي، نريندر مودي ڀارت ۾ غير مقبول ٿي چڪو آهي.

هن چيو ته مودي جي هندتوا ڪارڊ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي، نريندر مودي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن، کيس شڪست کان پوءِ استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.