تازہ ترین

باگڙجي: ڪچي مان ڏوهارين خلاف پوليس آپريشن دوران 12 مغوي بازياب

گذريل رات بچل شاهه مياڻي مان اغوا ٿيل سولنگي برادري جي 3 ڄڻن سميت 12 ڄڻن کي بازياب ڪرايو ويو: ايس ايس پي سکر

باگڙجي (ويب ڊيسڪ) باگڙجي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف پوليس آپريشن دوران 12 مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ.

ايس ايس پي سکر موجب آپريشن دوران گذريل رات بچل شاهه مياڻي مان اغوا ٿيل سولنگي برادري جي ٽن ڄڻن سميت 12 ڄڻن کي پوليس بازياب ڪرايو ويو.

پوليس پاران آپريشن کان پوءِ بازياب ڪرايل ٻارنهن ڄڻن مان نون ڄڻن جو تعلق خيرپور ضلعي سان آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه پوليس کي هدايت ڪئي ته ڌاڙيلن ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف آپريشن جاري رکيو وڃي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.