حاجي آفتاب مڱريو جي اوطاق تي ستل ماڻھو کي اغوا ڪوشش دوران ڏوهارين ۽ ڳوٺاڻن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي
مديجي (ويب ڊيسڪ) مديجي ويجھو ڳوٺ آرائين ۾ هٿياربندن جي چڙھائي، اغوا جي ڪوشش دوران جوابي فائرنگ ۾ 2 جوابدار مارجي ويا.
حاجي آفتاب مڱريو جي اوطاق تي ستل ماڻھن کي اغوا جي ڪوشش دوران ڏوهارين ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.
پوليس جو چوڻ آھي ته مارجي ويل ڏوھارين جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي آھي، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.