ڀارت ڪا غلطي نه ڪري، جنگ بندي ڪيترن ئي ملڪن جي ڪوششن سان ممڪن ٿي آهي: ترجمان
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي بيان کي چڙ ڏياريندڙ قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت ڪا غلطي نه ڪري، جنگ بندي ڪيترن ئي ملڪن جي ڪوششن سان ممڪن ٿي آهي.
جنگ بنديءَ جي خواهش کي پاڪستان سان ڳنڍڻ ڪوڙ آهي، موديءَ عام شهرين جي موت کي به دهشتگردن سان ڳنڍي رهيو آهي ۽ ان کي نيو نارمل جو نالو ڏئي رهيو آهي.
پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر موديءَ جو بيان خطي ۾ امن جي ڪوششن کي خطري ۾ وجهڻ برابر آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي تحت پنهنجي حقن جي حفاظت لاءِ هر ضروري قدم کڻندو.