شهيد مختيار لغاري جي وارثن سان تعزيت، ڀارت هميشه بزدلاڻيون حرڪتون ڪيون آهن: جي او سي
پنوعاقل (ويب ڊيسڪ) جي او سي پنوعاقل جي داد لغاري ڀرسان ڊرون حملي ۾ شھيد ٿيل ڳوٺاڻي جي گهر آمد، شهيد مختيار لغاري جي وارثن سان تعزيت ڪئي.
جي او سي شهريار جو چوڻ آهي ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي، ڀارت هميشه بزدلاڻيون حرڪتون ڪيون آهن.
پاڪ فوج دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ڄاڻي ٿي، ڊي سي گهوٽڪي سنڌ سرڪار طرفان شھيد مختيار احمد لغاري جي نالي سان ڳوٺ ۾ نياڻين جو اسڪول، روڊ ۽ اسپتال جي منظوري جو اعلان ڪيو .