تازہ ترین

ملير جي علائقي شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا قتل، 5 زخمي

پورٽ قاسم چورنگي وٽ هزاريوال برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو

ملير (ويب ڊيسڪ) ملير جي علائقي شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا قتل، 5 زخمي ٿي پيا.

پورٽ قاسم چورنگي وٽ هزاريوال برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته  5 زخمي ٿي پيا، پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني لڳي رهيو آهي.

گهرو صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار ٽن ڄڻن جي قتل جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ملير کان تفصيل طلب ڪري ورتا.

گهرو وزير چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن سان ڪا رعايت نه ڪئي وڃي، امن امان خراب ڪندڙن ۽ علائقي ۾ خوف پکيڙيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.